تحريڪ پاڪستان ۾ جانين جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا: اعزاز چوڌري

واشنگٽن (م ڊ): آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير اعزاز احمد چوڌري چيو آهي ته تحريڪ پاڪستان ۾ جانين جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پاڪستان ۾ بي پناهه وسيلا موجود آهن، اسان ڪاميابي سان گڏ دهشتگردي جو خاتمو ڪيو آهي، واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ پاڪستان جي 70هين آزادي جي تقريب ڪوٺائي وئي ۽ اعزاز احمد چوڌري تقريب جو خاص مهمان هيو، ان موقعي تي هن تقريب کي خطاب دوران پاڪستانين کي يوم آزادي جي مبارڪ ڏيندي چيو ته باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح هڪ عظيم قائد هيو، جنهن مسلمانن سان گڏجي هڪ ڊگهي جدوجهد جي نتيجي ۾ پاڪستان حاصل ڪيو، پاڪستان جي قيام ۾ عظيم فلسفي ۽ شاعر مشرق علامه محمد اقبال جو به اهم ڪردار هيو، جنهن سڀني کان پهرين ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ بڻائڻ جو خواب ڏٺو هيو، تحريڪ پاڪستان دوران ڏنل لکين قربانين جو ذڪر ڪندي اعزاز احمد چوڌري چيو ته اسان پاڪستان حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ جانين جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پاڪستان 20 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ آهي، جنهن ۾ بي پناهه وسيلا موجود آهي، اسان جو عوام ملڪ جي ترقي جي لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، آزادي کانپوءِ هيل تائين پاڪستان ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ عالمي دنيا ۾ پاڪستان اهم مقام حاصل ڪري چڪو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *