چنيوٽ (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ميان صاحب آرٽيڪل 62 ۽ 63 ختم ڪرائڻ چاهي ٿو، سندس خواهش آهي ته هو حڪومت ۾ رهي اپوزيشن ڪري. صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪوئيٽا ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ان ڏُک جي گهڙي ۾ شهيدن جي وارثن سان برابر جا شريڪ آهيون. سندس چوڻ هو ته مون کي ان ڳالهه جي ڏاڍي خوشي آهي ته گهرو وزير ڌماڪي کانپوءِ واقعي واري هنڌ پهتو. هن چيو ته ڪالهه سينٽرل پنجاب جو جلسو ڏاڍو ڪامياب رهيو، ايندڙ جلسو هزارا ڊويزن ۽ اٽڪ ۾ ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته نواز شريف ڇا ٿو چاهي؟ هو جڏهن حڪومت ۾ هيو ته ان وقت کيس پارليامينٽ ڇو ياد نه آئي؟ هاڻ هو آرٽيڪل 62، 63 کي ختم ڪرائي حڪومت ۾ رهي اپوزيشن ڪرڻ چاهي ٿو.27