ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فرقيواريت مٿي چڙهي رهي آهي: اي ڊي خواجا

ڪراچي(م ڊ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو فرقيواريت مٿي چڙهي رهي آهي. ڪراچي جي علائقي عزيز آباد ۾ اڄ صبح دهشتگردن ڊي ايس پي ٽريفڪ جي گاڏي کي نشانو بنايو جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي ۽ ان جو محافظ شهيد ٿي ويا. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا جڏهن ته ان موقعي تي ان جو چوڻ هو ته آسان هدف ٿيڻ جي ڪري دهشتگردن فائرنگ ڪئي ۽ هلندڙ سال 16 پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو. اي ڊي خواجا جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پابندي مڙهيل تنظيمون فرقيواريت مٿي چڙهي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *