ڪراچي( م ڊ ) سنڌ جي قانون کاتي صوبي ۾ احتساب آرڊيننس 1999ع ختم ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سڄي سنڌ ۾ احتساب آرڊيننس 1999ع ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سڄي سنڌ ۾ احتساب آرڊيننس 1999ع کي ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قانون کاتي طرفان آرڊيننس ختم ڪرڻ بابت باضابطا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. قانون واري وزير ضياءَ الحسن لنجاري جو چوڻ آهي ته گورنر سنڌ محمد زبير سنڌ اسيمبلي مان منظور ٿيل بل تي ٻيو ڀيرو صحيح نه ڪئي آهي پر اسيمبلي نئين ايڪٽ جي ڇپائي لاءِ حڪم جاري ڪيا آهن، نئين قانون تحت نيب جي ماتحت ادارن ۾ ڪارروائي نه ڪري سگهندو. ضياءَ الحسن لنجار چيو ته نيب تحت ڪيل ڪارروايون ۽ جاچ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کي منتقل ٿي ويندي.