اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان توهين عدالت بابت پي ٽي آئي جي چيرمين عمران خان جا اعتراض رد ڪندي کيس شوڪاز نوٽِس جاري ڪري ڇڏيا. ميڊيا رپورٽ موجب پي ٽي آئي جي اڳواڻي ميمبر اڪبر ايس بابر عمران خان جي خلاف توهين عدالت جي پٽيشن داخل ڪئي هئي، هن نومبر 2014 ۾ پي ٽي آئي جي خلاف پرڏيهي فنڊنگ وٺڻ جي معاملي تي به هڪ درخواست اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ڪئي آهي. الڪيشن ڪميش هلندڙ سال جنوري ۾ عمران خان کي ڪميشن جي خلاف توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويو جڏهن ته عمران خان اليڪشن ڪميشن جي دائري اختيار کي چيلينج ڪندي چيو هو ته ڪنهن ماڻهون جي خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي جو اختيار صرف سپريم ڪورٽ ۽ هائي ڪورٽ کي آهي. اليڪشن ڪميشن گذريل مهيني 25 جولائي تي عمران خان جي خلاف توهين عدالت جو فيصلو محفوظ ڪندي توهين جي ٻڌڻي 10 اگسٽ تائين ملتوي ڪئي هئي. خميس چيف اليڪشن ڪميشنر جي سربراهيءِ ۾ اليڪشن ڪميشن جي 5 رڪني بينچ عمران خان جي خلاف توهين عدالت جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي جي دوران الڪشن ڪميسن عمران خان جي اعتراضن کي رد ڪندي ان جي خلاف توهين عدالت جي ڪاروائي کي اڳتي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ قرار ڏنو ته اليڪشن ڪميشن توهين عدالت جي ڪاروائي جو اختيار رکي ٿي. اليڪشن ڪميشن عمران خان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ان کان 23 اگسٽ تي جواب طلب ڪيو آهي انکان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.