ميهڙ(رپورٽر)ميهڙ ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻارڙي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. گاجي کهاوڙ روڊ تي ڳوٺ لونگ تنيو لاڙي وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ مسمات ڪلثوم سولنگي، محمد ايوب ۽ همٿ ساسولي فوت ٿي ويا. حادثي ۾ وحيد الله ساسولي ۽ هڪ ٻارڙي زخمي ٿي پيا، جن کي ميهڙ اسپتال نيو ويو. پوليس فوت ٿي ويل ٽنهي ڄڻن جا لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا.