ڪراچي سرڪلر ريلوي جي تعمير 2020 تائين مڪمل ڪرڻ جو فيصلو

August 8, 2017 at 8:17 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (اين اين آءِ) رٿابندي واري وزارت چيو آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جي تعمير 10 سالن بدران هاڻ 3 سالن ۾ سيپٽمبر 2020 تائين مڪمل ڪئي ويندي، منصوبو مڪمل ڪرڻ جي مدي ۾ گهٽتائي سان ان تي خرچ ٿيندڙ پيسن ۾ به گهٽتائي ٿيندي، ان منصوبي تي 2 سئو 70 ارب رپيا خرچ ٿيندو، ان ڏس ۾ منصوبابندي واري وزارت ٻڌايو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي لاءِ اٽڪل 43 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي ٽريڪ وڇائي ويندي ۽ اهو منصوبو سنڌ حڪومت ۽ چين گڏجي مڪمل ڪندو،جڏهن ته رٿابندي واري وزارت ان جي نگراني ڪندي، ڪراچي سرڪلر ريلوي 43.2 ڪلوميٽر آهي، منصوبي تحت 8 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڪل 24 اسٽيشنز ٺاهيون وينديون، صوبائي حڪومت هلندڙ سال سيپٽمبر کان اڏاوتي ڪم جي شروعات جو ارادو رکي ٿي، منصوبي ۾ ديپو ڪنٽرول سينٽر جي تعمير به ڪئي ويندي، منصوبي سان 2020 هڪ ڏينهن ۾ 5 لک 50 هزار مسافر سفر ڪندا، جڏهن ته 2030 تائين ان جو اندازو 7 لک 49 هزار 541 لڳايو ويو آهي، منصوبي تحت سرڪلر ريلوي شاهه فيصل ڪالوني، سي او ڊي،گلستان جوهر، نيپا، گلشن اقبال، ايف بي ايريا، منگهو پير، سائيٽ، بلديا، اورنگي، وزير ميشن ۽ چنيسر سميت ٻين علائقن مان گذرندي ۽ منصوبي لاءِ جديد لائين سميت ماضي جي لائينن تي سرڪلر ريلوي هلائي ويندي.

اي پيپر