عائشه گلالئي اوچتو قومي اسيمبلي پهچي وئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ حيران، شيرين مزاري جو احتجاج

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڇڏيندڙ عائشه گلالئي اوچتو اسيمبلي ۾ پهچي وئي جتي پي ٽي آءِ جا ڪارڪنن ان کي ڏسي دنگ رهجي ويا جڏهن ته شيرين مزاري ته احتجاج به ڪيو. عائشه گلالئي اسيمبلي ۾ پهتي ته شيرين مزاري پنهنجي سيٽ تي ويهي رهي ۽ چيو ته اسان جي هڪ ڪارڪن چيو هو ته هوءَ پارٽي ڇڏي چڪي آهي ان کي اڻڄاتل قرار ڏنو وڃي. شيرين مزاري جي ان ڳالهه تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته توهان جي اعتراض جو نقطو نٿو ٺهي توهان پهرين آرٽيڪل 63 پڙهو ۽ پوءِ ڳالهايو. هوڏانهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ پارلياماني اڳواڻن جي اخلاقيات ڪميٽي جو اجلاس ختم ٿي ويو جنهن ۾ عائشه گلالئي جي معاملي تي 10 رڪني خاص ڪميٽي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ جاري پارلياماني اڳواڻن جي اخلاقيات ڪميٽي جو اجلاس پڄاڻي تي پهتو، جنهن ۾ عائشه گلالئي طرفان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي لڳايل الزامن جي جاچ جي لاءِ 10 رڪني خاص ڪميٽي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڪميٽي ۾ 6 حڪومت ۽ اتحادي پارٽين، 4 مخالف ڌر اڳواڻ شامل آهن. ڪميٽي عمران خان جي ميسيجن جي هڪ مهيني ۾ جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *