متحده ۽ نواز ليگ جي ڊيل جي خبر ناهي، جي ٽي روڊ تي سياست بدران ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي: مراد علي شاهه

ڪراچي(م ڊ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ جي ڊيل جي خبر ناهي، جي ٽي روڊ تي سياست بدران ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ سنڌ سرڪار ۽ پاڪ نيوي گڏيل سهڪار سان ٺاهيل اسڪول جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ جي ڊيل جي خبر ناهي، پ پ ڪنهن به قسم جي ناڪاري  ياست جو حصو ناهي. جي ٽي روڊ تي سياست بدران ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ڪابينا ۾ ڪا به تبديلي نه پئي ٿئي. ان کان اڳ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ سرڪار بجيٽ جو 22 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪري ٿي پر اڃا تائين سٺا نتيجا نه ملي سگهيا آهن، تعليمي ادارا وڌائڻ بدران ان کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي.  مراد علي شاهه چيو ته پاڪ نيوي ۽ سنڌ سرڪار تعليم لاءِ گڏيل طور ڪاميابي سان ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جو مثال ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ سانگهڙ آهن. مراد علي شاهه چيو ته هو نيوي سان گڏ ٻين کي به دعوت ٿو ڏئي ته تعليم کي بهتر بڻائڻ ۽ هٿي وٺرائڻ لاءِ  پ پ جي ڪاوشن جو ساٿ ڏين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *