لاهور(م ڊ) پرڏيهي وزير وزير خواجه آصف چيو آهي ته اسان ڀارت سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ چاهيون ٿا پر پاڙيسري ملڪن طرفان هاڪاري جواب نه ملي رهيو آهي. سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ڀارت بار بار جنگبندي جي ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته افغانستان سان به دوستاڻا لاڳاپا چاهي ٿو پر افغانستان سان دوستاڻا لاڳاپا اسان جي خواهش تي پورا نه ٿيندا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي، هاڻي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي اڳ ئي تمام گهٽ ٿي وئي آهي جنهن ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪردار آهي.