ڀارت سان قانوني جنگ، پاڪستان جا ڏيڍ ارب رپيا ٻڏڻ جو خطرو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڀارت سان قانوني جنگ ۾ پاڪستان جا ڏيڍ ارب رپيا ٻڏڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل جي اڳوڻي صدر احسان ماني انهن پئسن کي زيان قرار ڏنو آهي، 2003ع کان 2006ع تائين صدر آءِ سي سي رهندڙ ڪرڪيٽ انتظاميا چيو ته مونکي آءِ سي سي وٽان خبر پئي آهي ته ڀارت خلاف پاڪستاني ڪيس مضبوط ناهي، ڀارت کان ڏنڊ ۾ پئسا ملڻ جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي، هونئن به جهڳڙي سان مسئلي جو حل ناهي نڪرڻ وارو، ڪو وچٿرو رستو ڳولڻ گهرجي، بي سي سي آءِ جو عالمي ڪرڪيٽ تي گهڻو اثر رسوخ آهي هو ٻين بورڊز کي به گڏ ملائي وٺندو ۽ اسان اڪيلا رهجي وينداسين. احسان ماني چيو ته نجم سيٺي بطور چيئرمين ڀارتي بورڊ سان معاهدو ڪري وڏي غلطي ڪئي هئي، ان کي عوام اڳيان آڻڻ گهرجي، خبر ته پوي ته ان ۾ پئسا ڏنڊ ۾ ملڻ جي شق شامل آهي به يا نه، ڀارتي بورڊ پهريون به حڪومتي انڪار جو چوندو رهندو آهي پر ڪرڪيٽ ڪڏهن ناهي بيٺي، هاڻي به درست حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي ته مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. آءِ سي سي جي اڳوڻي صدر چيو ته پاڪستنا ڪرڪيٽ ۾ عالمي تنهائي جو شڪار آهي، ماضي ۾ ايئن نه هو، آءِ سي سي ۾ اسان جو گهڻو اثر رسوخ هوندو هو، ڪابه ڪميٽي اهڙي نه هوندي هئي جنهن ۾ پاڪستاني نمائندگي نه هجي، بدقسمتي سان هاڻي ڪونسل ۾ پي سي بي جو ڪوابه آواز ناهي، اسان جو ڪوبه ريفري پينل ۾ شامل ناهي جڏهن ته امپائرز ۾ صرف عليم ڊار ئي اليٽ پينل جو حصو آهي، ٻين لاءِ ڳالهائڻ وارو ڪو موجود ناهي ڇو ته اختيارين کي راند جي معاملن جو ڪو پتو ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *