غير آئيني طريقي سان ڪنهن کي هٽائڻ جا قائل ناهيون: قمر زمان ڪائره

فيصل آباد (م ڊ): پيپلز پارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته 12 آگسٽ تي فيصل آباد ۾ جلسو ڪنداسين، هن يو ته سڀاڻي چترال ۾ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جلسي کي خطاب ڪندو، اسان هميشه اصولي سياست ڪندا آهيون، غير آئيني طريقي سان ڪنهن کي هٽائڻ جا قائل ناهيون، نواز شريف کي سپريم ڪورٽ نااهل قرار ڏنو، پاڪستان جو قانون چوي ٿو جيڪو نااهل ٿيندو آهي، اهو پارٽي جي قيادت نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته نواز شريف غير قانوني ڪم ڪري رهيوآهي، چوڌري نثار سان اختلاف باوجود ڪيترن معاملن ۾ ان جي عزت ڪندو آهيان، نواز شريف چوي ٿو ان خلاف سازش ٿي آهي، اسان عورتن ۽ عدليه جو احترام ڪندا آهيون، عائشه گلالئي الزام لڳايو آهي، ان کي ثبوت عدالت کي ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته ميان صاحب خبر پئي ڪيس جو فيصلو خلاف اچي ته ڪيتري تڪليف ٿيندي آهي، اوهان ته عدالتن کان اسان خلاف فيصلا ڪرايا هئا، شريف فيملي ڪرپشن جي ڪيسن کي منهن ڏئي رهي آهي، هي ڪنهن فوجي آمر جي سازش ناهي، هي پاڪستان جي سڀ کان وڏي عدالت فيصلو ڏنو آهي، اسان جي چوڻ تي استعيفيٰ نه ڏني، عدالت پڪڙي ٻاهر ڪري ڇڏيو، اوهان سمجهو ٿا عهدا ورهائي جماعت کي ٽوڙ ڦوڙ کان بچائي وٺندئو، اسان احتساب جي خلاف ناهيون پر احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *