ڪراچي( هه آ) سنڌ جي محنت، ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات بابت صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته سنڌ حڪومت صنعتڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري ملڪي معيشت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ سنجيده آهي سي پيڪيج سمورن منصوبن ۾ صنعتڪارن کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪنداسين. اها ڳالھ هن اڄ ناليواري صنعتڪار يوناٽيڊ بزنس گروپ جي اڳواڻ گلزار فيروز پاران سندس مان ۾ ڏنل رات جي ماني جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪئي. هن چيو ته حڪومت صنعتي شعبي جي ڪارائتا اُپاءُ وٺي رهي آهي. جنهن ۾ ڌاٻيجي، خيرپور ۽ ٻين علائقن ۾ صنعتي زون جو قيام، بنيادي ڍانچي جي بهتري ۽ سي پيڪ جي حوالي سان ڪراچي ۾ صنعت، محنت ۽ ٽرانسپورٽ سميت هر شعبي ۾ منصوبا ترتيب ڏنا ويا آهن. هن چيو ته پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص دلچسپي جي ڪري وزير اعليٰ سنڌ وفاقي حڪومت سان ڪيترن ئي منصوبن تي عملدرآمد لاءِ ڳالھ ٻولھ ڪئي آهي خيرپور جي صنعتي زون ۾ اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ محترمه نفيسا شاھ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي پوري صوبي ۾ صنعتي شعبي جي لاءِ وڌيڪ ترقي لاءِ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آهيون صنعتڪارن جا مسئلا سنڌ حڪومت ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي هن چيو ته ڪراچي صنعتي حب آهي ان کي اسان عالمي سطح جو مرڪز بڻائڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين.ان موقعي تي گلزار فيروز، خالد تواب، زبير ايف طفيل ۽ ٻين صنعتڪارن، صنعتي معاملن، مسئلن، سيڙپڪاري، روڊ شوز جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏيندي چيو ته اسان حڪومت جو هر سطح تي ساٿ ڏينداسين اسان صنعتون لڳائينداسين حڪومت اسان کي زمين فراهم ڪري، اسان ملڪي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. تقريب ۾ سينيٽر عبدالحسيب خان، عبدالسميع خان، عارف حبيب، مرزا اختيار بيگ، مرزا اشتياق بيگ، مسز بلور، مريم چوڌري، ڪيپٽن ترانا، سيڪريٽري محنت عبدالرشيد سولنگي، سيڪريٽري بورڊ آصف ميمڻ، عبدالنبي ميمڻ، ڊي آئي جي پوليس ڊاڪٽر جميل، ڊي سي سينٽرل ڪيپٽن فريد کان علاوه صنعتڪارن ۽ ناليوارن شهرين شرڪت ڪئي.