وزيراعظم شاهد خاقان عباسي طرفان ترقياتي رٿائون تيز ڪرڻ جي هدايت

August 5, 2017 at 8:22 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد( بيورو ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي  ترقياتي ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ وفقي ڪابينا جو پهريون اجلاس ٿيو. 44 رڪني ڪابينا جي قسم کڻڻ کانپوءِ پهريون باضابطا اجلاس ٿيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪابينا ميمبرن کي عهدو سنڀالڻ تي وڌايون پيش ڪيون. ذريعن موجب اجلاس ۾ سمورن وفاقي وزيرن ۽ ممڪلتي وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي پنهنجي ڪابينا کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ان دوران وزارتن بابت چئن سالن جي معاملن جو به جائزو ورتو ويو. ذريعن موجب ڪابينا جي اجلاس ۾ خاص ڪري تونائي سميت ٻيون ترقياتي رٿائون وقت تي مڪمل ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪابينا جي ميمبرن جو  هر هفتي اجلاس سڏائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪابينا جي ميمبرن کي ترقياتي رٿائون جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

اي پيپر