ڪو ادارو اهو نه سوچي ته سڀ ڪجهه طاقت جي زور تي مڃرايو ويندو: مولانا فضل الرحمان

August 4, 2017 at 8:42 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (بيورو): جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪو ادارو اهو نه سوچي ته سڀ ڪجهه طاقت جي زور تي مڃرايو ويندو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سياستدان اڪيلي ڪڏهن به ڪرپشن نٿو ڪري سگهي، جيستائين بيوروڪريسي ان کي ڪرپشن جو ماحول فراهم نه ڪري، پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسٽيبلشمينٽ، بيوروڪريسي جي ماحول بڻائڻ بنا سياستدان ڪرپشن نٿو ڪري سگهي، هڪ ادارو ٻئي اداري کي ڪمزور ڪري رهيو آهي، پارليامينٽ ۾ ويٺل ماڻهو هڪ ٻئي کي چور چئي رهيا آهن، هن چيو ته مشرف دور ۾ سڀ کان وڌيڪ ريڪوري فوج کان ٿي، ٻئي نمبر تي بيوروڪريٽ ۽ سڀ کان گهٽ سياستدان کان ٿي، پاناما جو مسئلو اٿيو، پاڪستان جي سڄي سياست پاناما جي نذر ٿي وئي، اسان کي پنهنجي ايندڙ مستقبل جي باري ۾ سوچڻو آهي، سوچڻو آهي ته ملڪ کي ڪيئن بحران مان ڪڍڻو آهي، ملڪي مفادن جو جائزو اسان کي وٺڻ گهرجي، پرڏيهي طاقتن جي نظر سي پيڪ تي به آهي، چين هڪ نئين اقتصادي ويزن سان متعارف ٿي رهيو آهي، جي يو آءِ في سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته دنيا گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي، اسان هڪ نئين دور طرف وڃي رهيا آهيون، ٻيا ملڪ پنهنجا نظريا مڙهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، هن چيو ته يورپ، آمريڪا ۾ هڪ ملڪ ٻئي ملڪ کي فتح ڪرڻ لاءِ جنگ نه وڙهي رهيو آهي، اسلامي دنيا ۾ اسان هڪ ٻئي کي فتح ڪرڻ ۾ توانائي وڃائي رهيا آهيون، اسلامي دنيا ۾ اهو مزاج هلندو ته هڪ ملڪ ٻئي ملڪ کي فتح ڪرڻ چاهيندو ته دوستي نه ٿيندي، جيڪڏهن پاڪستان طاقتور آهي ته افغانستان به طاقتور رهڻ گهرجي، ايران کي به طاقتور رهڻ گهرجي، چين کي به طاقتور رهڻ گهرجي، جيئن هڪ ٻئي کي سهارو ڏئي سگهون، اسان جي توانائي ان ڳالهه جي زيان ٿي رهي آهي ته افغانستان کي ڪيئن ڪمزور ڪيو وڃي، افغانستان توانائي ان تي زيان ٿي رهي آهي ته پاڪستان کي ڪيئن ڪمزور ڪيو وڃي، هن چيو ته پارليامينٽ جا ماڻهو هڪ ٻئي کي ڪرپٽ چئي رهيا آهن، ڪهڙو ماحول جهڙي رهيو آهي، عوام وٽ ڪهڙو تاثر وڃي رهيو آهي.

اي پيپر