ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ڊاڪٽر عاصم حسين نئين وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏيندي چيو ته شاهد خاقان عباسي سٺو ماڻهو آهي ان کي ڀليڪار چوان ٿو، دعا ڪريان ٿو ته هو پنهنجو مدو پورو ڪري ۽ پاڻ کي چوڌري نثار کان پري رکي، اربع تي احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان تي ڏکيو وقت آهي، پر ان ڏکيائي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو ٻاهران نه ايندو پر اسان کي ئي پاڪستان جي ڏکيائين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي مشورو ڏيندي چيو ته هو نواز شريف جو نه پر سڄي ملڪ جو وزيراعظم بڻجي ڏيکاري، ان کي نااهل ۽ بي عزت ڪري ڪڍيل وزيراعظم جي تعريف نه ڪرڻ گهرجي، ڊاڪٽر عاصم قومي احتساب جي اداري نيب تي خدشا ظاهر ڪندي چيو ته نيب سياسي ادارو آهي جيڪو ماڻهن کي تنگ ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي. هن چيو ته نيب نواز شريف جا ڪيس دٻائي ڇڏيا ان تي مون کي اعتماد نه آهي، نيب جي جاچ ڪرڻ جي طريقي تي شڪ آهي، ان کي سياسي بيلڪميلنگ لاءِ بڻايو ويو آهي، نيب جي نالي تي ڪجهه ماڻهو ٻين کي پريشان ڪن ٿا، نيب قانون ۾ ترميم ٿيڻ گهرجي، ملڪ ڇڏي ڀڃڻ جي سوال تي ڊاڪٽر عاصم ڪاوڙ واري انداز ۾ چيو ته مان ملڪ ڇڏي ڀڃڻ وارن مان نه آهيان سڀ ڪجهه پاڪستان ۾ آهي ته پوءِ ملڪ ڇڏي ڇو ڀڃندس، نيب جو چيئرمين ڀڃندو منهنجي دل ۾ نه پر انهن ماڻهن جي دل ۾ چور آهي.