بيجنگ( م ڊ ) چيني صدر شي جنگ پنگ چيو آهي ته اسان امن پسند آهيون پر پنهنجي عملداري تي سوديبازي نه ڪئي ويندي. پيپلز لبريشن آرمي جي 60 هين سالگره جي موقعي تي گريٽ هال پيپلز ۾ خطاب ڪندي چيني صدر شي جن پنگ چيو ته جيتوڻيڪ چين جا ارادا پرعزم آهن پر ڪنهن اڳيان دٻجڻ وارو ناهي. هن چيو ته چين جو عوام امن پسند آهي اسان ڪڏهن به اڳرائي يا توسيع پسنداڻو رويو اختيار نه ڪيو ويندو، اسان اڳرائي ڪندڙ طاقتن کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا. سندس چوڻ هو ته اسان ڪنهن به قوم، تنظيم يا سياسي پا رٽي کي چين جو ڪو به علائقو ان کان الڳ ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين ڪو به اهڙي خوشفهمي ۾ نه رهي ته اسان اهڙو ڪڙو ميوو کائينداسين جيڪو اسان جي خودمختياري، سلامتي ۽ ترقياتي مفادن لاءِ نقصانڪار هجي. چيني صدر شي جن پنگ چيو ته پنجن سالن جي سخت محنت کانپوءِ چيني فوج ڪاميابي سان پنهنجي تنظيمي ۽ طاقت جي ڍانچي ۽ ساک جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جو اصول آهي ته بندوقن تي پارٽي جو حڪم هلندو آهي ۽ بندوقون ڪڏهن پارٽي کي نه هلائينديون آهن.