عائشا گلالئي جي الزامن جي جاچ ڪرائي وڃي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان تحريڪ انصاف ڇڏيندڙ عائشا گلالئي طرفان عمران خان تي لڳايل  الزامن بابت جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عائشا گلالئي جي انڪشافن تي افسوس آهي، عورتن جي عزت ۽ غيرت جو محفوظ نه هجڻ سياست تي چُٽو آهي، تنهن ڪري عائشا گلالئي جي الزامن جي جاچ ڪرائي وڃي. سندس چوڻ هو ته پ پ عورتن جي حقن ۽ انهن جي عزت تي ڪَک به برداشت نه ڪندي. هوڏانهن پ پ اڳواڻ شيري رحمان به ٽوئيٽر تي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته وڌيڪ هڪ پڙهيل لکيل عورت پي ٽي آءِ کي ڇڏي ڏنو. ايم اين اي عائشا گلالئي پارٽي ۾ عورتن جي حيثيت جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *