عهدو سنڀالڻ بعد وزيراعظم هائوس منتقل نه ٿيندس: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (بيورو): نامزد وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اهو منصب سنڀالڻ بعد وزيراعظم هائوس منتقل نه ٿيندو، هن چيو ته مون درخواست ڪئي ته مون کي پنهنجي گهر ۾ رهڻ ڏيو، شاهد خاقان عباسي غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته وزيراعظم حقيقتون عوام سامهون رکڻ جو فيصلو ڪيو، اسان ڪارڪردگي تي يقين رکون ٿا، ڪو به سمجهدار وڪيل فيصلي جي حمايت نٿو ڪري، شاهد خاقان عباسي چيو ته جنهن جا هٿ صاف آهن، اهو ريفرنس داخل ڪري، شوق سان سپريم ڪورٽ وڃي، جنهن ۾ همت آهي ريفرنس داخل ڪري، مان مقابلو ڪندس، هن چيو ته ڪابينا جي باري ۾ مشاورت ڪنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *