شهباز شريف استعيفيٰ ڏيڻ بنا قومي اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (بيورو): اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ۽ وڏي وزير طور استعيفيٰ ڏيڻ بنا قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 120 تان چونڊن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو، چونڊ ضابطه اخلاق مطابق ڪو به اسيمبلي ميمبر يا سينيٽر يا ڪو حڪومتي عهدو رکندڙ
شخص ڪنهن تڪ ۾ چونڊ مهم ۾ شريڪ نٿو ٿي سگهي پر اهو پاڻ اميدوار هئڻ جي صورت ۾ پنهنجي مهم هلائي سگهي ٿو، ريڊيو پاڪستان اليڪشن ڪميشن جي حوالي سان رپورٽ ڏني آهي ته شهباز شريف پنجاب اسيمبلي جي رڪنيت ۽ وڏو وزارت جي منصب تان استعيفيٰ ڏيڻ بنا قومي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن وڙهي سگهي ٿو، ڇو ته اهڙي ڪا به رنڊ روڪ ناهي ته هڪ پارليامينٽ ميمبر يا صوبائي اسيمبلي ميمبر جيڪو ڪنهن اهم عهدي تي فائز هجي اهو ان عهدي کي ڇڏڻ بنا اليڪشن ۾ حصو نٿو وٺي سگهي، ان کان اڳ هلندڙ مهيني ئي سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 114 تان پيپلز پارٽي جو اميدوار سعيد غني سينيٽ جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏيڻ بنا چونڊن ۾ حصو وٺي چڪو آهي، پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف چونڊ عمل ۾ بطور اميدوار بنا استعيفيٰ ڏيڻ جي شامل ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته اهو ان دوران سرڪاري وسيلا استعمال نه ڪري سگهندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *