پيٽرول بحران جي ذميوار وفاق آهي، آئل ٽينڪر مالڪ عوام خاطر هڙتال ختم ڪن: ناصر شاهه

ڪراچي(م ڊ)  پيٽرول بحران جي ذميواري وفاقي حڪومت جي آهي، آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن عوام خاطر هڙتال ختم ڪري، روڊن تي ايمبولنسون به بيهي ويون آهن، عوام کي پريشاني ٿي رهي آهي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته پاڪستان هن وقت دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، وفاقي حڪومت جي نظر رڳو پاناما ڪيس تي آهي. هن چيو ته پيٽرول جي کوٽ جي ڪري عوام پريشان ۽ ذهني ڪوفت جو شڪار بڻجي رهيو آهي آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن کي عوام خاطر هڙتال ختم ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف ميثاق جمهوريت جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *