نيب جو متبادل قانون آڻڻ اسان جي اختيارن واري دائري ۾ آهي: مراد علي شاهه
July 27, 2017 at 8:40 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نيب جو متبادل قانون آڻڻ اسان جي اختيارن جي دائري ۾ آهي، نيب ۽ ايف آءِ اي جو قانون وفاق پاس ڪيو، چيئرمين جي مقرري ۾ حڪومت جو ڪو به ڪردار ناهي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پهرين اسان بدنيت چيو ويو، وري چيو ويو ته اسان وفاق جي خلاف آهيون، اسپيڪر سميت سڄي هائوس کي بدنيت چيو ويو. گورنر جي پيغام کان پوءِ اسيمبلي بل کي ٻيهر پاس ڪرائي چڪا آهيون، اسان چيئرمين جي مقرري جي لاءِ 6 رڪني ڪميٽي بڻائڻ جو چيو آهي 6 ميمبرن کي سنڌ اسيمبلي مان چونڊيو ويندو، ڪميٽي ۾ اسپيڪر ۽ اسيمبلي ميمبر به شامل هوندا، آئون وفاق تي پاڻ کان وڌيڪ يقين رکان ٿو. هن چيو ته وفاقي وزير کي ڪالعدم تنظيمن جي نالا ڏنا هئا، ڇا وفاقي حڪومت کي ڇوٽ آهي ته نيب ڪنهن شئي ۾ هٿ وجهي ته ان کي ڪجهه نه ڪري سگهجي، آر او پلانٽن کي نيب ڪلين چٽ ڏني آهي، ٽريڪٽر اسڪيم ۾ به غبن ثابتو ٿيو، واٽر ڪميشن هلي رهيو آهي، عدالت جيڪو چوندي اهو ڪنداسين.