نوشهروفيروز(ڊ ر) ضلع ڪائونسل نوشهروفيروز جي سالياني 2017،18 جي 62 ڪروڙ 19 لک 58 هزار 367 رپين جي ٽيڪس فري بچت واري بجيٽ منظور، ضلع ڪائونسل نوشهروفيروز جو اجلاس ضلعي چيئرمين عبدالستار عباسي جي صدارت هيٺ ڪميٽي هال نوشهروفيروز ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ وائيس چيئرمين قربان سهروردي، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبرن سيد حسن علي شاهه، عبدالغفار ڏهراج، سهيل احمد عباسي، سڪندر ڪورائي، ڪامران بهڻ، امير بخش راڄپر، ڊاڪٽر يونس سولنگي، شير محمد راڄپر، شوڪت زرداري، اتم اوڏ، اميد علي راڄپر ۽ ٻين ميمبرن چيئرمين پاران پيش ڪيل بجيٽ تي بحث ۾ حصو ورتو ۽ متفقه طور تي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي. ان موقعي تي ضلعي چيئرمين عبدالستار عباسي خطاب ڪندي چيو ته اقليتي برادري توڙي عورتن ۽ مردن کي برابري جي بنياد تي اسڪيمون ڏنيون ويون آهن اسان وٽ ضلعي ۾ 65 ڊسپينسريون آهن جن مان 15 انتهائي خراب حالت ۾ آهن جن جي سڌاري لاءِ به فنڊ رکيا ويا آهن جن کي صحيح نموني سان هلائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. ضلعي اندر گذريل سال 11 ڪروڙ کان وڌيڪ جون ترقياتي اسڪيمون منظور ڪيون ويون هيون جن تي ڪم جاري آهي ۽ هن سال 23 ڪروڙ 36 لک جون ترقياتي اسڪيمن لاءِ فنڊ رکيو ويو آهي هن چيو ته ضلعي اندر آر او پلانٽ، ملازمن جي پگهارن لاءِ 13 ڪروڙ 99 لک ۽ مختلف خرچن لاءِ هڪ ڪروڙ 72 لک 40 هزار، وڌيڪ ڊسپينسرين جي مرمت لاءِ 70 لک ۽ دوائن لاءِ 75 لک، غريب ۽ مستحق ماڻهن لاءِ 25 لک، ذهين شاگردن جي اسڪالرشپ لاءِ 20 لک، ثقافتي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ 25 لک، لائبررين کي ڪتاب فراهم ڪرڻ لاءِ 20 لک رپيا پڻ رکيا ويا آهن. ان سان گڏ ماڻهن کي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ آر او پلانٽ ۽ سولر سسٽم پڻ مهيا ڪيو ويندو. وائيس چيئرمين پير قربان علي سهروردي چيو ته پهريون ڀيرو بهترين بجيٽ آندي وئي آهي جيڪا فلاحي بجيٽ آهي غربت جي خاتمي ۽ سماج جي سڌاري لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون ۽ جاگرتا مهم هلائي ويندي ۽ هن سال گهٽ ۾ گهٽ 50 غريب جوڙن جون شاديون ڪرايون وينديون ۽ کين 25 هزار پڻ ڏنا ويندا غريب عورتن کي 500 کان وڌيڪ سلائي مشينون ۽ نلڪا پڻ ڏنا ويندا ۽ 14 آگسٽ تي ڪٻڊي راند ۽ ٻيون ثقافتي پروگرام پڻ ڪرايا ويندا. سيد حسن علي شاهه چيو ته هن بجيٽ ۾ صحت جي شعبي کي خاص اهميت ڏني وئي آهي آر او پلانٽ وقت جي ضرورت آهن اسان جي ضلعي ۾ سينکيو وڌي چڪو آهي پيئڻ واري پاڻي جي ليول 1500 کان وڌي چڪي آهي وڌ کان وڌ سمورين يوسين توڙي ڳوٺن ۾ آر او پلانٽ لڳايا وڃن ته ان سان مختلف بيمارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو. ڪامران بهڻ چيو ته جڏهن پاڪستان ٺهيو هو ته ان وقت پاڪستان مالي بحران جي ور چڙهيل هو ان وقت جي خوشحال خاندانن پنهنجي کيسي مان علمي توڙي تعليمي ادارا جوڙايا ۽ غريبن جي سهائتا لاءِ ادارا جوڙيا سو آئون چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿو ڪيان ته پگهارون وٺڻ بجاءِ ضلعي اندر غريب ۽ مسڪينن تي فنڊ خرچ ڪيو وڃي. اجلاس جي آخر ۾ ڪرارداد پيش ڪئي وئي ته وفاقي گورنمينٽ سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي سنڌ جي گئس، تيل ۽ ٻين معدني وسيلن تي ڌارين جون ڀرتيون ڪيون پيون وڃن جيڪي مذمت جوڳيون آهن جنهن تي پهريون حق سنڌي ماڻهن جو آهي ۽ ان عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا. اجلاس ۾ نامياري محقق پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ۽ ضلع ڪائونسل جي ميمبر ذوالفقار لغاري جي امڙ لاءِ پڻ دعا گهري وئي.