لاهور واقعي بعد سياسي ڳالهيون نٿو ڪري سگهان، ٻئي دفعي ڪندس: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو): وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن وڏي تڪليف ۾ گذريا آهن، ڪيترائي معاملا ۽ مسئلا هڙا آهن، جيڪي لڪل ناهن، اڄ به منهنجي صحت بهتر ناهي، پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري نثار چيو ته ڪيتريون ئي ڳالهيون عوام سامهون رکڻيون هيون پر لاهور واقعي بعد سياسي معاملن تي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي، اسان جو سمورو ڌيان انهن ماڻهن ۽ انهن خاندانن ڏانهن آهي، جن جا پيارا وڇڙي ويا آهن، هن چيو ته لاهور ڌماڪي ۾ آخري تصديق ٿيل رپورٽ 14 ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي هئي، اڃا تائين ڪنفرم ناهي ٿي سگهيو ته دهشتگردي واقعو آهي يا ڪو حادثو آهي، هن چيو ته ايئن ممڪن ناهي ته هڪ طرف جانيون ضايع ٿيون هجن ۽ گهرو وزير سياسي معاملا کڻي ويٺو هجي، پريس ڪانفرنس انتهائي اهم هئي، پر ان واقعي تي بعد منهنجي لاءِ سياسي ڳالهه ڪرڻ ممڪن ناهي، جن معاملن تي ڳالههه ڪرڻي هئي، ان کي منسوخ نه ملتوي ڪري رهيو آهيان، مون کي ڇا چوڻو آهي، ڇا ناهي چوڻو، ان تي گهٽ ۾ گهٽ قياس آرائي نه ڪئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *