اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسييمبلي جي مخالف اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته مسلم ليگ نون سپريم ڪورٽ کي دٻاءَ ۾ آڻڻ چاهي ٿي . سومر تي هن راڻا ثناءَ الله جي پريس ڪانفرنس تي سيد خورشيد شآهه رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته آهي مسلم ليگ نون جي هميشا ڪوشش رهي آهي ته ادارن سان ٽڪراءُ ڪري فائدو وٺي سگھجي، پر ادارا ايترو ڪمزور نه آهن جو وزير انهن کي ڊيڄاري سگھن، ماضيءَ ۾ نوازشريف کي ڪرپشن جي الزام ۾ هٽايو ويو ته سپريم ڪورٽ کيس بحال ڪيو هو، آپوزيشن ليڊر چيو ته ڀٽو جو ڪيس ڪرپشن مني ٽريل، آفشور ڪمپني يا اثاثن جو ڪيس نه هيو جڏهن بينظير جي حڪومت ڪرپشن الزامن تي ختم ٿي ته نون ليگ اهڙن قدمن کي ساراهيو هو.