پراڻن دستاويزن کي نئون ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي، حڪومت هڪ وڌيڪ قطري خط کڻي آئي : پيپلز پارٽي

July 21, 2017 at 7:03 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ پ الزام هنيو آهي ته پراڻن دستاويزن کي نئون بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي، حڪومت هڪ وڌيڪ قطري خط کڻي آئي آهي، جيڪڏهن ثبوت هيا ته پهريان کڻي اچو هان، خميس تي سپريم ڪورٽ جي ٻاهران پ پ پ جي اڳواڻ شيري رحمان چيو ته قطر جي پرڏيهي وزير جي اچڻ کانپوءِ هڪ ٻيو خط اچي ويو آهي جنهن تي قطري پرڏيهي وزير جي پاڪستان اچڻ تي سواليا نشان پيدا ٿي ويو آهي. عورت پ پ پ اڳواڻ حڪومت تي الزام هنيو ته هو پراڻن دستاويزن کي نئون بڻائي پيش ڪرڻ ۾ مصروف آهن، شيري رحمان گذريل ڏينهن وزيراعظم پاران سيالڪوٽ پارٽِي ورڪرن سان ڪيل خطاب تي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته وزيراعظم گذريل ڏينهن جي خطاب ۾ صرف پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئ خطاب ۾ آپوزيشن تي تنقيد ۽ پنهنجي ڪرپشن جو دفاع ڪيو ويو. هن چيو ته پاناما ڪيس آخري مرحلي ۾ آهي پر اڃان تائين حڪومت ان ڪيس ۾ ڪو سٺو جواب نه ڏئي سگھي آهي، قمر زمان قائرا حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت هڪ وڌيڪ قطر جو خط کڻي آهي جيڪڏهن ڪو ثبوت هيو ته پهريان ڇو نه پيش ڪيو ويو، پاناما خبر سڄي دنيا پاڪستان تي کلي رهي آهي. جيڪڏهن ثبوت پهريان پيش ڪن هان اهي ڏينهن نه ڏسڻان پون هان.

اي پيپر