شڪارپور(رپورٽ:عتيق ڌڪڙ) اڳوڻي ايم اين اي ۽ اين پي پي سنڌ جي صدر ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي پنهنجي رهائش گاھ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪنايت سان چوڻو ٿو پئي ته ميونسپل ڪميٽي ۾ مال تي جهيڙو آهي , پيپلز پارٽي ۾ شموليت جي باضابطا ۽ پارٽي ۾ اثر رکندڙن پاران ڪنهن پوزيشن تي دعوت ڏني وئي ته سوچي سگهجي ٿو , سياست ۾ ڪجهه به حرف آخر ناهي هوندو , جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو ۽ ناصر محمود اعتماد جوڳا ڪردار آهن اميد ته واعدي موجب ايندڙ چونڊن ۾ اسان جو ساٿ ڏيندا, آبپاشي کاتي ۾ انڌير نگري آهي , واهن ۽ شاخن جي کاٽي نه ٿي ڪرائي وڃي , بند ڪمزور بڻيل آهن , آبپاشي جا ڪامورا درياء جي ڪپرن توڙي شاخن ۽ واهن جي ڪپرن کي مضبوط ڪرڻ ۽ کاٽي لاءِ سيزنل ايندڙ رقم کي خرچي سمجهي هڙپ ڪن ٿا , سنڌ کي پاڻي به هاڻي مهينو دير سان ڏنو وڃي ٿو پر سنڌ جا حڪمران خاموش آهن , ڪچي توڙي پڪي ۽ شهرن ۾ تعليمي ادارن جي ڀينگ ڪئي وئي آهي , ڪارو ڪامڻ وبائي صورت اختيار ڪري ويو آهي ڪاري ڪامڻ جي مريضن کي علاج جون سموريون سهولتون ضلعي سطح تي ۽ وقت سر مهيا ڪري ڏنيون وڃن,