برطانيه ۾ ويهي باني ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ رت وهائڻ جو منصوبو جوڙي رهيو آهي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (م ڊ): پاڪ سر زمين پارٽي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اسان جي تحريڪ ۾ معصوم ماڻهن جو رت شامل ٿيو آهي، اسان جي تحريڪ هاڻي اڳتي ويندي، باني ايم ڪيو ايم سامهون پاڪ سر زمين پارٽي ڀت بڻجي بيٺي آهي، هن چيو ته پي ايس پي نه هجي ها ته شهر ۾ ٻيهر هڙتالون شروع ٿي وڃن ها، پي ايس پي واحد جماعت آهي، جيڪا باني ايم ڪيو ايم جي ظلمن سامهون بيٺي آهي، منهنجا ڪارڪن چوندا آهن ته پي ايس پي ڪارڪنن کي قتل ڪرڻ وارن کي اسان به ماريون، هن چيو ته اڄ به لوڪل گورنمينٽ ۽ ميئر ڪراچي باني ايم ڪيو ايم کي پئسا اماڻي رهيا آهن، باني ايم ڪيو ايم پنهنجي سياست ايم ڪيو ايم پاڪستان ذريعي ڪرڻ چاهي ٿو، ايم ڪيو ايم پاڪستان ايم ڪيو ايم لنڊن جي پوليٽيڪل ونگ آهي، مصطفيٰ ڪمال چيو ته 23 جولاءِ تي لنڊن ۾ باني ايم ڪيو ايم جي گهر ٻاهر مظاهرو ڪنداسين، هن چيو ته برطانيه ۾ ويهي باني ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ رت وهائڻ جو منصوبو جوڙي رهيو آهي، ڪارڪنن جي مارجڻ تي اسان هڙتال جي ڪال نه ڏني، ڪنهن کي نه ساڙيوسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *