جمهوريت جي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته نواز شريف استعيفيٰ ڏئي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ): پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته نيشنل پريس ڪلب انسانيت جي خدمت لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، نيشنل پريس ڪلب ۾ خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميڊيا برادري سان ايڪتا جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا، سڌ سماءَ تائين رسائي جي حق واري بل جو نفاذ چاهيون ٿا، هن چيو ته خدمتون ڏيندي سئو کان وڌيڪ صحافي جانيون ڏئي ويٺا آهن، حڪومت شفافيت نٿي چاهي، ان لاءِ اطلاعات تائين رسالي جي بل کي لاڳو ڪرڻ نٿي چاهي، هن چيو ته انساني حقن جي ڪميشن جي خودمختياي چاهيون ٿا، ميڊيا برادري جمهوريت جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، مون صحافي برادري جي تحفظ لاءِ قانون سازي ڪرڻ لاءِ چيو، جمهوريت جي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته نواز شريف استعيفيٰ ڏئي، پيپلز پارٽي جي آءِ ٽي رپورٽ جي بنياد تي نواز شريف جي استعيفيٰ چاهي ٿي، نواز شريف فوري طور استعيفيٰ ڏئي ته جيئن سازشن جي نظريي جو خاتمو ٿئي، نواز شريف وٽ وزيراعظم رهڻ جو اخلاقي جواز باقي ناهي رهيو، وزيراعظم جي استعيفيٰ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ آهي، وزيراعظم جي استعيفيٰ جمهوريت جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي 2018 جي چونڊن ۾ سٺا نتيجا آڻيندي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سازش ٿي رهي آهي ته حڪومت ٻڌائي ته ڪهڙي سازش ٿي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *