پاڪ ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائن تي رابطو، احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (م ڊ): آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪ ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائن تي رابطو ٿيو آهي، پاڪ ڊي جي ايم او چيو آهي ته ڀارت لائن آف ڪنٽرول تي سيز فائر جي معاهدي جي ڀڃڪڙي بند ڪري، پاڪ فوج ڪنهن به جارحيت جي جوابي ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿي، آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي گاڏي تي ڀارتي فوج طرفان فائرنگ تي پاڪستان احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ڊي جي ايم او چيو ته ڀارت جون ايل او سي تي ڀڃڪڙيون خطي جي امن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿينديون، ڀارتي فوج جي اهڙين ڪاررواين سان سرحدي ڇڪتاڻ وڌندي، آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي تاڏي کي نشانو بڻائڻ جي نتيجي ۾ 4 جوان شهيد ٿي ويا، ڊي جي ايم او چيو ته اهو رستو اختيار نٿا ڪرڻ چاهيون، جتي هڪ ٻئي جي سپلاءِ لائن بند ڪريون، ڀارتي جارحيت جو ڀرپور ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *