مٺي( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه چيو آهي ته نواز شريف جي هاڻي وزيراعظم رهڻ جو ڪو به جواز ناهي. مٺيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مان اڳ ئي چئي ڇڏيو هو ته وزيراعظم نواز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته جي آءِ ٽي ۾ هاڻي وڌيڪ شاهديون اچي چڪيون آهن. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن سينئر ججن نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته حالتون وزيراعظم نواز شريف خلاف وڃي رهيون آهن.