ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊن جو ڪوئي امڪان نه آهي: يوسف رضا گيلاني

ڪراچي (اين اين آءِ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ پ پ پ جو مرڪزي اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ملڪ ۾ وقت کان اڳ عام چونڊن جو ڪوئي امڪان آهي مان اهو نه ٿو چاهيان ته مون وانگر وزيراعظم کي هٽآيو وڃي پر ميان صاحب تي سنگين الزام آهن، وزيراعظم جي استعيفا تي پارٽِي پاليسي کان متفق آهيان، آچر تي ڪراچي جي چنيسر ڳوٺ ۾ پ پ پ جي اڳواڻ سعيد غني جي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته موجوده سياسي صورتحال ۾ پ پ پ سڀ کان متحرق آهي، اسان عدالت جو احترام ڪيو، هن چيو ته ادارن جي بقا جو خيال ڪرڻ گھرجي مان پنهنجي ڪيس ۾ نه اپيل ڪئي نه ويڙهه ڪئي جيڪڏهن ادارن ۾ ٽڪراءُ ٿيو ته ڪجھه نه بچندو. هن چيو ته عدالت مان اميد آهي ته بروقت فيلصو ڪندي ته جيئن ادارن ۾ ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا نه ٿئي، اڳواڻِي وزيراعظم چيو ته منهنجو ڪرپش ڪو ڪيس نه هيو اسان مٿان آئين جي رکوالي لازمي آهي. مان اهو نه ٿو چوان جيڪو ڪجھه مونسان ٿيو اهو سڀني سان ٿئي پر عدالت جو فيصلو به تسليم ڪرڻ گھرجي، هن چيو ته پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي شروعاتي فيصلي تي ٻنهي ڌرين مٺايون ورهايون هيون، فيصلا هميشا ڪنهن جي حق ۽ ڪنهنجي خلاف ٿيندا آهن، ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ڪرڻ بدران عدالتن جا فيصلا ڪرڻ گھرجن، اسان به عدالتن ۽ ادارن ۾ ٽڪراءُ بدران فيصلا تسليم ڪيا هئا. ڇو ته ادارن سان ٽڪراءُ ڪنهن جي فائدي ۾ نه آهي، اڳواڻِي وزيراعظم سعيد غني کي ضمني چونڊون کٽڻ تي واڌايون به ڏنيون ان موقعي تي سعيد غني چيو ته پي ايس 114 جي چونڊ ۾ مون تي جيڪو ايم ڪيو ايم پاران ڌانڌلي جو الزام مڙهيو ويو آهي اهو غلط آهي، ضمني چونڊن ۾ لغڙ، بيٽ ۽ شير سميت سڀني کي آئوٽ ڪيو ايندڙ اليڪشن ۾ ڪراچي جو ميڊٽ پ پ پ وٽ هوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *