اسلام آباد (بيورو): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن شريف مافيا انصاف جو رستو روڪڻ جي دعوت ڏني ته انصاف قائم ڪرڻ جي دعوت ڏيندس، ڪجهه ڏينهن ۾ اوهان کي خوشيون ملهائڻ جي دعوت ڏيندس، ڌرڻي سان هاڻي تائين سڀ کان وڏي ڪاميابي تحت شعور پيدا ڪيو، عمران خان چيو ته جي آءِ ٽي 60 ڏينهن ۾ انهن خلاف ثبوت ڪڍيا، جنهن ۾ ڪو شڪ ناهي رهيو، جي آءِ ٽي پهريون ثبوت ڪڍيو ته مريم نواز نيلسن، نيسڪول سميت 4 محلن جي بينيفيشل آنر آهي، نواز شريف جي دبئي ۾ ڪمپني نڪري آئي، جنهن کان اهو 10 هزار درهم پئسا وٺندو هيو، چون ٿا گلف اسٽيل جي 1980 ۾ وڪرو سان پئسا قطر ويا، جنهن سان ملڪيت بڻي، خبر پئي گلف اسٽيل ته خساري ۾ هئي، انهن ڪوڙ ڳالهايو دبئي ۾ پئسا ئي نه هيا، مريم ۽ حسين نواز جي ٽرسٽ ڊيڊ ڪيليربري فونٽ ۾ بڻائي عدالت ۾ ڪوڙ ڳالهايو، اهي جواب ڏيڻ بدران چون ٿا سازش ٿي آهي، شريف خاندان خلاف جيڪو به ڪيس آڻڻ جي ڪوشش ڪري هي ان کي سازش چوندا آهن، هن چيو ته شريف خاندان ذاتي مفاد بچائڻ لاءِ پاڪستان کي تباهه ڪري رهيو آهي، اها آهي سازش، جي آءِ ٽي اهو ڪم ڪيو، جيڪو اڄ تائين هتي طاقتور خلاف ٿيو ئي ناهي، ن ليگ وارا شرم ڪريو،ڇا هن ملڪ جي مستقبل جي پرواهه ناهي، عمران خان چيو ته هي پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ ملڪ جا ادارا تباهه ڪري رهيا آهن، ٻاهر ٻار موڪلي ڪمپنيون بڻايون، هتي موٽر وي ٻين منصوبن مان ڪمپنين کي پئسا موڪليا، 4 سالن ۾ 117 ڪروڙ رپيا ٻاهر موڪليا ويا، فضل الرحمان چوي ٿو نواز شريف خلاف ڀارت ۽ يهودي سازش ڪري رهيا آهن، هتان جي پارليامينٽ ٽي او آر کيڏندي رهندي آهي، پارليامينٽ کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ چون ٿا جمهوريت بچائي رهيا آهيون.