ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي ۾ انساني پائخانو شامل هئڻ جو انڪشاف

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۾ انساني پائخانو شامل هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واٽر ڪميشن جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن کي ملندڙ پيئڻ جي صاف پاڻي ۾ انساني پائخانو شامل هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.ڪراچي ۾ پاڻي جي 33 سيڪڙو نمونن ۾ سيوريج جو پاڻي شامل آهي ۽ شهر جو 90 سيڪڙو پاڻي پيئڻ جي لاءِ نقصان ڏيندڙ آهي. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي قائم عدالتي واٽر ڪميشن جي ٻڌڻي ۾ ٽاسڪ فورس جي رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن موجب شهر ۾ ڪنهن به جاءِ تي صاف پاڻي ناهي ملي رهيو ۽ سڄي سڄي رات ڪلورين ملائڻ کان سواءِ ئي پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي. ماحوليات جي ماهر ڊاڪٽر مرتضيٰ ٻڌايو ته فلٽريشن پاڻي سان گڏ گندو پاڻي به مڪس ٿي رهيو آهي. ڊپٽي ايم ڊي واٽر بورڊ اعتراف ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ 19 ماڳن تي پيئڻ جي پاڻي ۾ سيوريج جون لائينون ملي ويون آهن جڏهن ته عمارتن ۽ گهرن جي زميني پاڻي جا ٽينڪ ڪيترن ئي سالن کان صاف ناهن ٿيا.  جسٽس اقبال ڪلهوڙي پڇاڻو ڪيو ته ماڻهو لائينن جي پاڻي سان وضو ڪندا آهن ته ڇا اهو گندو پاڻي وضو جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. واٽر ڪميشن شهرين کي گندو پاڻي فراهم ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙي فلٽريشن پلانٽ جو ڇا فائدو جيڪو ماڻهن کي صاف پاڻي ئي نه ڏئي. ٽاسڪ فورس جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ اسپتالن کي ملندڙ 88 سيڪڙو پاڻي جا نمونا به مضر صحت آهن. سنڌ جي 14 ضلعن جي 71 اسپتالن مان به پاڻي جا نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا، سڀ کان گهٽ انساني پائخاني وارو پاڻي ٿرپاڪر ۾ مليو، ميرپور خاص ۾ 28 سيڪڙو، ٽنڊي الله يار ۾ 23، بدين ۾ 33، ڄامشوري ۾ 36، ٽنڊي محمد خان ۾ 30، حيدر آباد ۾ 42، لاڙڪاڻي ۾ 60 سيڪڙو پاڻي جي نمونن ۾ انساني پائخانو مليو. ان موقعي تي واٽر ٽينڪر ايسوسيئيشن چيو ته ڪراچي ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ غير قانوني هائيڊرنٽس آهن، عدالتي ڪيشن ايم ڊي واٽر بورڊ کان پڇيو ته ڇا توهان غير قانوني هائيڊرنٽس هلائي رهيا آهيو. ايم ڊي واٽر بورڊ اعتراف ڪيو ته غير قانوني ڪنڪشن ڏيڻ ۾ اسان جو عملو به ملوث آهي جنهن بعد واٽر ڪميشن ٻڌڻي 29 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *