راولپنڊي (م ڊ): عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف هٿ آسمان کي لڳائي رهيو آهي نه پير زمين تي رکي رهيو آهي، پاناما ڪيس ۾ نواز شريف جي بچڻ جو ڪو موقعو ناهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته نواز شريف غلط راند کيڏڻ وڃي رهيو آهي، چوڌري نثار کي سوچڻ گهرجي ته اهو ڪهڙي در تي وڃي رهيو آهي، عوامي مسلم ليگ سربراهه جو چوڻ هو ته پاناما ڪيس ۾ نواز شريف کي سزا به ٿيندي، اي اين پي ۽ جمهوري وطن پارٽي سپريم ڪورٽ ۾ اسان سان گڏ هونديون.