اسان سياستدان وڙهندا رهندا آهيون، وڌيڪ سنجيده نه وٺندا ڪريو: سعد رفيق

اسلام آباد (بيورو): ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اسان سياستدان وڙهندا رهندا آهيون، ان کي وڌيڪ سنجيده نه وٺندا ڪريو، مايوسي جي ڪا ڳالهه ناهي، پاڪستان کي 70 سالن ۾ ڪيترن حادثن کي منهن ڏيڻو پيو، تقريب کي خطاب ڪندي خواجا سعد رفيق چيو ته اهو عوام جو حق آهي ته اهي جنهن کي چاهين پسند ڪن، جنهن کي چاهين ناپسند ڪن، هن چيو ته پاڪستان ڊگهي جمهوري، سياسي جدوجهد سان بڻيو آهي، سعد رفيق چيو ته سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن جو ڪريڊٽ وزيراعظم نواز شريف ڏانهن وڃي ٿو، اسان سياستدان ايترا خراب ناهيون، جيترو سمجهيو ويندو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *