اسلام آباد( بيورو ) اليڪشن ڪميشن پي ايس 114 ڪراچي مان پ پ جي سعيد غني جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ ايم ڪيو ايم جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم جي وڪيل ايس اقبال قادري موقف اختيار ڪيو ته ايم ڪيو ايم بائيو ميٽرڪ مشينن ۽ فوج جي مقرريءَ جو مطالبو ڪيو هو، پي ايس 114 جي ننڍي چونڊ ۾ جعلي ووٽ وڌا ويا، پ پ ساڳي تڪ ۾ هميشه ٽين ۽ چوٿين نمبر تي رهي آهي. هن چيو ته آخري لمحي تائين ايم ڪيو ايم اميدوار ننڍي چونڊ کٽي رهيو هو، ڄاڻڻ چاهين ٿا ته اليڪشن شفاف ٿي يا نه. چيف اليڪشن ڪمشنر رمارڪس ڏيندي چيو ته 100 بائيو ميٽرڪ مشينون خريد ڪيون ويون هيو پر کين ڊيٽا نه ملي آهي ۽ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو اختيار اليڪشن ٽربيونل وٽ آهي.