پشاور (م ڊ): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ سرڪاري اسپتالن جو نظام ٺيڪ ڪم ڪري رهيو آهي، اسان جي ڪوشش هئي خيبر پختونخواهه جي اسپتالن ۾ بهتري آڻيون، هاڻي 95 سيڪڙو ڊسٽرڪٽ اسپتالن ۾ به ڊاڪٽر موجود آهن، خيبر پختونخواهه جو هيلٿ بجيٽ 18 ارب کان 65 ارب تائين ڪيو ويو، پهرين صوبي ۾ 3 هزار ڊاڪٽرز هيا، ساڍا 6 هزار وڌيڪ ڊاڪٽر مقرر ڪيا ويا، خيبر پختونخواهه حڪومت جو هيلٿ ڪارڊ 24 لک خاندانن کي ڏنو ويو آهي، 6 مهينن ۾ هيلٿ ڪارڊ تي 70 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا، هيلٿ ڪارڊ 18 لک خاندانن کان شروع ڪيو ويو، سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتالن ۾ سولر سسٽم لڳايو ويندو، عمران خان چيو ته ڀارتي اخبار ۾ لکيو ويو آهي ته ڪٿي نواز شريف هليو نه وڃي، ڀارت کي خدشو آهي، ڪٿي ان جو هڪ اتحادي هليو نه وڃي، فضل الرحمان بابت سوال تي عمران خان چيو ته رقم وڌاءِ نواز شريف اسان اوهان سان گڏ آهيون، هن چيو ته هتي ڪوڙ نه ڪوڙن جي بارش ٿي رهي آهي، پرائيويٽ اسپتال کي ڪمرشل بڻائي ڇڏڻ پئسن بڻائڻ جو آسان طريقو آهي، حڪومتون سڌارن بدران سياسي مفادم جي باري ۾ سوچينديون آهن.