اسلام آباد( بيورو ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ بد نيتي تي ٻڌل آهي، ڪابه ڪرپشن نه ڪئي آهي. وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاناما ليڪس بابت جي آءِ ٽي جي رپورٽ سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته جي آءِ جي رپورٽ ۾ استعمال ٿيل ٻولي ۾ بدنيتي نظر اچي رهي آهي. هن چيو ته منهنجي ۽ شهباز شريف جي ڪنهن به دور ۾ ڪا ڪرپشن آهي ته سامهون آندي وڃي. سندس چوڻ هو ته 1973ع کان اسان جو ذاتي ڪاروبار آهي، ڀلي جيترا به مطالبا ڪن، سازشي ٽولي جي چوڻ تي استعيفيٰ نه ڏيندس. وزيراعظم نواز شريف چيو ته منهنجو ضمير ۽ دامن بلڪل صاف آهي، سندن ڪاروبار فيملي جي ڪنهن به شخص جي سياست ۾ اچڻ کان اڳ جو آهي. هن چيو ته ن ليگ کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندڙن جي مجموعي ووٽن کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن. سندس چوڻ هو ته بنا ڪنهن هٻڪ پاڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب کي جي آءِ ٽي ۾ پيش ڪيو، جي آءِ ٽي کي خدشن باوجود قبول ڪيو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسان جي خاندان سياست مان ڪمايو گهٽ ۽ وڃايو گهڻو ڪجهه آهي، جي آءِ ٽي رپورٽ اسان جي ذاتي ڪاروبار تي مفروضن، الزامن ۽ بهتانن تي ٻڌل آهي.