اپوزيشن جماعتون متفق آهن، نواز شريف کي هاڻي هليو وڃڻ گهرجي: شاهه محمود قريشي
July 14, 2017 at 2:25 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو): پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ملڪ ۾ هلچل مچائي ڇڏي، رپورٽ جو دفاع ڪرڻ سئولو ناهي، اپوزيشن جماعتون متفق آهن ته نواز شريف کي هاڻي هليو وڃڻ گهرجي، مسلم ليگ نواز ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪي آهي، اسلام آباد ۾ جهانگير ترين ۽ شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مسلم ليگ اندر وياج جي ڏار پئجي چڪي آهي، جي آءِ ٽي رپورٽ تي وفاقي وزير به هڪ پيج تي ناهن، نواز شريف کي استعيفيٰ ڏئي ڇڏڻ گهرجي، جمهوريت ۽ سسٽم کي ڪو خطرو ناهي، هن وزيراعظم نواز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته نادان دوست سياسي شهيد بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي تلوار هلي وئي ته ڇا ڪندا، جهانگير ترين چيو ته ليگي وزير ڪکن جا سهارا وٺي رهيا آهن، جده ٽيل ملز جو 80 سيڪڙو منافعو نواز شريف کي ملندو هيو، مريم نواز کي جي آءِ ٽي نيلسن ۽ نيسڪول جو مالڪ ثابت ڪيو، جي آءِ ٽي چيو قطري ڪوڙ آهي، جي آءِ ٽي کي ٻين ملڪن مان ثبوت گهرائڻ جو اختيار ڏنو ويو هو.