ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ خطي ۾ امن هڪ خواب ئي رهندو: پاڪستان
July 14, 2017 at 2:24 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد( بيورو ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ کي دهشتگرديءَ سان ڀيٽڻ لاءِ ڀارت ڪريل حربا استعمال ڪري رهيو آهي، جڏهن ته خطي ۾ امن ڪشمير مسئلي جي حل تائين هڪ خواب ئي رهندو. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي اڳرائي تسلسل سان جاري آهي، ڪشمير جي آزادي کي دهشتگرديءَ سان ڀيٽڻ لاءِ ڪريل حربا استعمال ڪيا پيا وڃن ۽ هلندڙ هفتي به ڀارتي فوج جي ظلم ۾ 6 بينگاهه ڪشميري شهيد ٿيا آهن، جڏهن ته احتجاج ڪندڙن تي تشدد ڪيو ويو. هن چيو ته والاريل ڪشمير عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي، ڪشمير مسئلي جي گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت حل ٿيڻ تائين امن قائم ٿيڻ خواب رهندو. سندس چوڻ هو ته عالمي برادري کي به گهرجي ته اها والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي. ڪرنل حبيب ظاهر جي حوالي سان پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان نيپالي انتظاميه سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ نيپالي حڪومت به ملندڙ اطلاعن تي جاچ ڪري رهي آهي.