اسلام آباد (اين اين آءِ) پاناما جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي دفاع لاءِ شريف خاندان ملڪ جي 4 وڏن قانوندانن جو خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن، جن ۾ هن وقت تائين خواجه حارث ۽ امجد پرويز جا نالا سامهون آيا آهن، نجي ٽي وي ذريعن موجب خواجه حارث شريف خاندان جي قانوني ٽيم جي سربراهي ڪندو، ان کانسواءِ امجد پرويز ۽ ٻيا قانوندان ٽيم شرڪت ڪندا، قانوندان امجد پرويز نيب ڪيسن جو ماهر تصور ڪيو پيو وڃي ۽ هو اين آءِ سي ايل ڪيس ۾ اڳوڻي پنجاب جي وزير ۽ ق ليگ جي مرڪزي اڳواڻ پرويز الاهي جي پٽ مونث الاهي جو وڪيل رهيو آهي، شريف خاندان جا وڪيل جي آءِ ٽي رپورٽ جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ ٽيم هلندڙ هفتي جي آخري تائين جواب تيار ڪري وٺندي.