نااهلي ڪيس: سپريم ڪورٽ عمران خان کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان جي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن جي سربراهي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار تي ٻڌل بينچ ڪئي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته دير تي عدالتکان معذرت خواهه آهيون، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار اليڪشن ڪميشن جي جواب تي جواب الجواب ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته رڳو معافي وٺڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، جج پنهنجون موڪلون رد ڪري ٻڌڻيون ٻڌي رهيا آهن ڪيس بابت اهم رخن تي قانون سهڪار گهربل آهي چاهيون ٿا ته وڪيل عدالت سان مڪمل سهڪار ڪن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته معافي جي معاملي اشفاق احمد گهڻو ڪجهه لکيو آهي انور منصور جي رويي مان مايوس آهيون ۽ هن معاملي کي ڏاڍو هلڪو ورتو آهي. عمران خان عدالت اچي پوزيشن واضع ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *