راولپنڊي( م ڊ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف قانون تي عمل نه ڪيو ته جيل ويندو، کيس قانوني، اخلاقي ۽ سياسي طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڪوڙ جو داستان انجام تائين پهچي چڪو آهي، فوج ۽ عدليه سان ويڙهه نواز شريف جي ايجنڊا آهي. هن چيو ته نواز شريف جي نااهل هئڻ ۾ ڪابه گنجائش نه بچي آهي، شيخ سعيد شريف خاندان جو سوئٽزرلينڊ ۾ فرنٽ مين آهي. سندس چوڻ هو ته وزيرعظم نواز شريف خلاف آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي، گيم اوور ٿي چڪي آهي. شيخ رشيد چيو ته سومر تي درخواست ڪندو ته سندس ڏوهاري سڳ سميت پڪڙيو ويو آهي، نواز شريف کي گهرائي آڏي پڇا ڪئي وڃي. هن چيو ته نواز شريف پاڻ کي ڀٽو سان ملائي رهيو آهي، الله نه ڪري جيڪو حشر ڀٽي سان ٿيو اهو ئي ساڻس ڪيو وڃي. شيخ رشيد چيو ته پپو پنجن ئي پرچن ۾ فيل ٿي چڪو آهي، کيس دنياوي اصولن تحت عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ثابت ٿي ويو آهي ته رقم نواز شريف آهي، سمورو ڪٽنب چوري ۾ ملوثو نڪتو آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف بي رحم ماڻهو آهي جنهن پنهنجي نياڻي مريم جي سياست به تباهه ڪري ڇڏي آهي. شيخ رشيد چيو ته حديبيا پيپرز ملز ڪيس ۾ به جان پئجي وئي آهي، سندس قانوني ڪاميابي ۽ شريفن جي سياسي جنازي جي ڳالهه سچ ثابت ٿي چڪي آهي.