پي ٽي آءِ وزير اعظم جي استعيفيٰ لاءِ سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي(م ڊ) تحريڪ انصاف سنڌ اسيمبلي ۾ وزير اعظم جي استعيفيٰ جي لاءِ ٺهراءُ  سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. پي ٽي آءِ جي ميمبر خرم شير زمان ٺهراءُ ” گو نواز گو“ جو نعرو هڻندي جمع ڪرايو. ٺهراءَ ۾ پي ٽي آءِ موقف اختيار ڪيو ته وزير اعظم نواز شريف ملڪي مفاد ۾ عهدي کان فوري طور مستعفيٰ ٿئي. ٺهراءَ جي متن ۾ چي ويو آهي ته نواز شريف ۽ ان جي ڪٽنب قوم کي گمراهه ڪيو ۽ جي آءِ ٽي جي سوالن جا غلط جواب ڏنا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *