وزير اعظم کي پاناما ڪيس ۾ بچاءُ جو حق حاصل آهي پر هو هاڻ استعيفيٰ ڏئي: مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد(بيورو) پاڪ سر زمين پارٽي جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاناما ليڪس ڪيس ۾ وزير اعظم کي بچاءَ جو حق حاصل آهي پر جي آءِ ٽي رپورٽ منظر عام تي آڻڻ کان پوءِ ان کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.  ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته سياسي پارٽيون وزير اعظم جي استعفيٰ جو مطالبو ڪري رهيون آهن، هاڻ جي آءِ ٽي جي رپورٽ منظر عام تي اچڻ کان پوءِ وزير اعم کي حالتن کي ڏسندي قانون کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته وزير اعظم کي ملڪ، ادارن ۽ عوام جي لاءِ استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن استعيفيٰ ۾ دير ڪئي وئي ته جمهوريت کي نقصان ٿيندو. هن متحده باني کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اسان پاڪستان اچي سڀ کان پهرين متحده باني خلاف ڳالهيون ڪيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *