دادو(ڊ ر)دادو جوهي موڙ وٽ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 5 ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي ٿي پيا ٻڌايو پيو وڃي ته سمورن فوتين ۽ زخمين جو تعلق پنهور برادري سان آهي جيڪي جوهي جا رهواسي آهن حادثي جو شڪار ٿيل بدنصيب انسان سيوهڻ شريف قلندر لال شهباز جي درگاهه تي ويل هئا.شهرين ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي دادو اسپتال منتقل ڪيو.فوتين جا مڙهه قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو آهي.