ڪراچي (مانيترنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم پاڪستان، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي سميت سموري پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن وزيراعظم کان استعفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، رپورٽ موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته نواز شريف
وٽ وزارت عظميٰ جي ڪرسي تي رهڻ جو ڪو اخلاقي جواز ناهي، کيس هاڻ وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. صحافين سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته هاڻوڪي صورتحال ۾ دانشمندي جو مظاهرو نه ڪيو ويو ته سياسي بحران پيدا ٿيندو، ڇو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته وزيراعظم ڪو فيصلو ڪري. سندس چوڻ هو ته حڪومت جي ناڻي مان واجبي ٽيڪس نه ڏيڻ، پنهنجا اثاثا لڪائڻ يا پئسا ٻاهرين ملڪ کڻي وڃڻ ۽ گهمائي ڦيرائي موٽائڻ به ڪرپشن آهي، جي آءِ ٽي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب نواز شريف وزيراعظم جي عهدي تي رهڻ جو اخلاقي جواز وڃائي چڪو آهي. هوڏانهن پيپلز پارٽي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته بي بي شهيد کي تنگ ڪيو ويو، اسان نه رناسين، هن چيو ته چيو ويندو هيو ته اسان عدليه جي پٺيان بيٺا آهيون، هاڻي ڇا ٿيو، هي چون ٿا وزيراعظم کي ڪجهه ٿيو ته ملڪ خطري ۾ پئجي ويندو، احسان فراموشي مسلم ليگ جي رڳ رڳ ۾ آهي، ن ليگ وارن کي هاڻي ذوالفقار علي ڀٽو ياد اچي رهيو آهي، ماضي ۾ ن ليگ وارا ڀٽو خلاف ڳالهيون ڪندي نه ٿڪبا هئا، بينظير شهيد جمهوريت جي لاءِ ماهدي تي صحيحون ڪيون هيون، هن چيو ته جي آءِ ٽي ڇا عمران خان يا بلاول ڀٽو بڻائي، جي آءِ ٽي سپريم ڪورٽ بڻائي، ان جو فيصلو سپريم ڪورٽ ڏٺو آهي، وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏئي ڪنهن ٻئي کي مقرر ڪري ڇڏڻ کپندو هيو. جڏهن ته پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ اچڻ بعد نواز شريف جو وزيراعظم جي عهدي تي رهڻ جو ڪو جواز ناهي، جيڪڏهن ن ليگ ۽ شريف خاندان رڳو ادارن سان ٽڪراءُ ڪرڻ چاهي ٿو ته ان جو مطلب آهي ته پاڪستان جي جمهوريت جي لاءِ شريف خاندان سڀ کان وڏو خطرو آهي، حڪمران ۽ ان جا وزير هوش کان ڪم وٺن ۽ پاڪستان جي جمهوريت سان راند نه کيڏن، فٽ بال گرائونڊ گزري ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عارف علوي چيو ته شريف خاندان ۽ حڪومتي وزير جي آءِ ٽي تي ڪوڙا الزام هڻي رهيا هيا، جي آءِ ٽي جي رپورٽ اچڻ بعد سڀ پڌرو ٿي ويو، تحريڪ انصاف جي آءِ ٽي ميمبرن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي جو انهن مشڪل حالتن ۾ حقيقت تي ٻڌل رپورٽ مڪمل ڪئي. ٻئي پاسي جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو آهي ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ موجب نواز شريف صادق ۽ امين ناهي رهيو، هڪ بيان ۾ سراج الحق جو چوڻ هيو ته شروع ۾ ئي چئي ڇڏيو هيو ته وزيراعظم اخلاقي طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جي آءِ ٽي رپورٽ نواز شريف خلاف آهي، اهو عهدي کان ڌار ٿي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته چاهيون ٿا احتساب ۽ جمهوريت گڏوگڏ هلندا رهن، جمهوريت جو اهو مطلب ناهي ته چور چوري ڪندو رهي.