سي پيڪ رٿائن تي ڪم ڪندڙن کي فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي؛وڏو وزير

ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليس کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته سي پيڪ وارين رٿائن تي ڪم ڪندڙن کي فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي، جڏهن اهي هڪ جاءِ کان ٻئي هنڌ سفر ڪن ته سندن گاڏين ۾ جيمرز لڳايا وڃن. هن اها ڳالهه اڄ صوبي ۾ سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ رٿائن تي ڪم ڪندڙ چائنيز جي سڪيورٽي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چين جي ڪراچيءَ ۾ مقرر ٿيل قونصل جنرل وانگ يو، گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر، آر آر ايف ۽ ايس پي يو سکر جا ڊي آءِ جيز، سنڌ ايگرو ڪول مائننگ ڪمپني جو سي اي او شمس شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ سي پيڪ تحت گڏيل طور تي 9 رٿائون آهن، جن مان 7 رٿائن تي ڪم ٿي رهيو آهي، جتي 3044 چيني ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهي رٿائون ۽ ان جي ورڪ فورس خاص طور تي چائنيز ملڪ جي ترقيءَ جي حوالي سان تمام اهميت وارا آهن ۽ انهن کي فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪرڻ گهرجي جيئن سي پيڪ رٿائن جي شروعات ۾ فيصلو ٿيو هو. گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته هر رٿا سان 7 سڪيورٽي هيڊڪوارٽرز ۾ جتي چينين جي سڪيورٽي لاءِ 3044 تربيت حاصل ڪيل پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان آرمي انهن جي سڪيورٽي جي سازوسامال کي ليڊ ڪري رهي آهي. هن چيو ته مٽياري کان لاهور اين ٽي ڊي سي ٽرانسميشن لائين جي اٺين منصوبي ۾ 15 چيني ڪم ڪري رهيا آهن، اسان انهن جي سڪيورٽيءَ لاءِ 65 اهلڪار مقرر ڪيا آهن. وڏي وزير چيو ته موجود ڊيٽا مطابق صوبي ۾ 137 نان سي پيڪ رٿائون جاري آهن ۽ ان ۾ 1971 چيني ڪم ڪري رهيا آهن. هن گهرو سيڪريٽري کان پڇيو ته انهن جي سڪيورٽيءَ لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا آهن. گهرو سيڪريٽريءَ چيو ته انهن جي سڪيورٽيءَ لاءِ 1373 اهڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر چيو ته وڏي وزير جي منظوريءَ سان سنڌ پوليس موئثر سڪيورٽي ريسپانس ۽ سي پيڪ رٿائن تي ڪم ڪندڙ چائنيز کي ڪنهن قسم جي ڌمڪي سان منهن ڏيڻ لاءِ اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ (ايس پي يو) قائم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايس پي يو جي گڏيل تعداد 2662 آهي، جنهن مان 1349 ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته 1313 پوسٽون خالي آهن جن تي ڀرتيءَ وارو عمل جاري آهي. ڊي آءِ جي آر آر ايف ۽ ايس پي يو امين يوسفزئي چيو ته  سي پيڪ تحت 9 رٿائن کي وڌائي 11 ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪراچي ۾ ڪول بيسڊ پاور پلانٽ، ٿر بلاڪ ٽو ۽ ڪول بيسڊ پاور پلانٽ ون ۾ اوپن پِٽ مائننگ پاور پلانٽ، ضلعي ٺٽي ۾ ونڊ پاور واري رٿا، گهوٽڪي کان سکر موٽروي، مٽياري کان فيصل آباد ۽ مٽياري کان لاهور اين ٽي ڊي سي ٽرانسميشن لائين ۽ ڪراچي کان پشارو ريلوي لائين شامل آهن. سڪيورٽي انتظامن بابت هن چيو ته پورٽ قاسم وٽ ڪول بيسڊ پاور پلانٽ لاءِ 563 اهلڪار فراهم ڪيا ويا آهن، جن مان 30 آرمي، 193 ايس پي يو، 149 رينجرز، 17 ايف سي، 17 پوليس اهلڪار ۽ 157 پرائيوٽ گارڊ آهن، اهڙي ريت ٿر پروجيڪٽ جي بلاڪ ٽو ۾ سڪيورٽيءَ لاءِ 413 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٿر پاور پروجيڪٽ بلاڪ ون ۾ 46 اهلڪار شامل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ضلعي ٺٽي ۾ 4 ونڊ پاور پروجيڪٽس جي سڪيورٽيءَ لاءِ 555 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. ڊي آءِ جي چيو ته سکر کان گهوٽڪي 126 ڪلو ميٽر ڊگهي اين ٽي ڊي سي ٽرانسميشن لائين لاءِ 1197 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. مٽياريءَ کان لاهور / فيصل آباد ٽرانسميشن لائين لاءِ ڪم ڪندڙ چائنيز جي سڪيورٽيءَ لاءِ 76 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. ڪراچيءَ کان پشاور 548 ڪلو ميٽر ريلوي لائين وڇائڻ لاءِ 75 اهلڪار (سنڌ سيڪشن لاءِ) مقرر ڪيا ويا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ايگرو ڪول مائننگ ڪمپنيءَ جي سفارش تي پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت کي هدايت ڪئي ته هُو اسلام ڪوٽ ايـئرپورٽ کي جنگي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ لاءِ سول ايوي ايشن اٿارٽيءَ سان ڳالهه ٻول ڪري. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته چائنيز کي هوائي جهاز ذريعي سفر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هن پنهنجي ڪجهه ڏينهن اڳ ٿر جي ڪيل دوري دوران اسلام ڪوٽ رن وي تي لينڊ ڪيو هو، رن وي اسٽرپ بهتر آهي پر ٻيون سهولتون جهڙوڪ رن وي سان لائٽ لڳائڻ، ٽاور لڳائڻ ۽ بلڊنگ جي تڪميل ۽ ڪميونيڪيشن سسٽم اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو جنهن لاءِ سول ايوي ايشن اٿارٽيءَ کي هدايتون جاري ڪيون وڃن ته ان کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته سي پيڪ کي قومي معيشيت جي لائيف لائين جي حيثيت حاصل آهي، انڪري ان تحت جاري رٿائن کي سنڌ ۾ رهندڙ هر هڪ شخص پاران اونرشپ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪجهه مذموم عنصر آهن جيڪي نه ٿا چاهن ته ترقي ٿئي ۽ اهي مسئلا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر اهي ان ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *