جي آءِ ٽِي جي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندن پٽن حسن ۽ حسين خلاف نيب ريفرنس داخل ڪرڻ جي سفارش

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاناما ڪيس جي گڏيل جاچ ٽيم وزيراعظم نواز شريف ۽ ان جي پٽن حسن ۽ حسين نواز خلاف نيب ريفرنس جي سفارش ڪندي چيو آهي ته مدعين جا ذريعا آمدني کان وڌيڪ آهن، وڏي رقم جو قرض ۽ تحفي جي شڪل ۾ بيقائدگي کان ترسيل ڪيو ويو، سومر تي پاناما جاچ لاءِ جي آءِ ٽي رپورٽ منظر عام تي اچي وئي، 10 جلدن مان سامهون ايندڙ 9 جلدن تي ٻڌل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم نواز شريف، حسين نواز، حسن نواز جي آءِ ٽي اڳيان رقم جي ترسيل جا سبب نه ٻڌائي سگهيا، اها ڳالهه ته لنڊن جي پراپرٽيز ان بزنس جي سبب هئي اکين ۾ ڍوڙ وجهڻ جي برابر آهي، رپورٽ موجب برطانيا جون ڪمپنيون نقصان ۾ هيون پر وڏي رقم جي ترسيل ۾ مصروف هيون، نيسڪول، نيلسن، الانا سروسز، لين ڪين، ڪومبر گروپ، هلٽن انٽرنيشنل برطانيا ۾ ڪاروبار ۾ ملوث آهن، رپورٽ موجب انهن فنڊن مان برطانيا ۾ مهانگي پراپرٽي خريد ڪئي وئي، جي آءِ ٽي مجبور آهي ته معاملي کي نيب آرڊيننس تحت ريفر ڪري جيڪو نيب سيڪشن 9 اي وي جي تحت ڪرپشن جي زمري ۾ اچي ٿو، رپورٽ ۾ جي آءِ ٽي وزيراعظم، حسين ۽ حسن نواز خلاف نيب ۾ ريفرنس موڪلڻ جي سفارش ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *